اسلام آباد- 25 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان انساني حقن جون پنهنجون سموريون عالمي ذميواريون پوريون ڪرڻ لاءِ ??ُ??عز?? آهي. ترجمان فوجي عدالتن جي تازن فيصلن تي بيانن بابت سوال جي ج??اب ۾ جاري بيان ۾ چيو ته پاڪستان جو قانوني نظام عالمي ا??ساني حقن جي قانون سان هم آهنگ آهي ج??هن ۾ شهري ۽ سياسي حقن جي عالمي معاهدن جون شقون به شامل آهن. هن چيو ته ان ۾ اعليٰ عدالتن ذريعي عدالتي نظرثاني به موجود آهي ج??هن ۾ انساني حقن ۽ بنيادي آزادين کي هٿي وٺرائڻ ۽ تحفظ جي ضمانت ڏني وئي آهي. ترجمان چيو ته اهو فيصلو پاڪستان جي پارليامينٽ جي بنايل قانون تحت ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي فيصلن مطابق ڪيا ويا آهن. هن چيو ته پاڪستان جمهوريت جي اصولن، انساني حقن ۽ قانون جي حڪمراني کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تعميري ۽ نتيجا ڏيندڙ ڳالهين تي يقين رکي ٿو. ترجمان چيو ته اسان جي ا??س پي پلس اسڪيم ۽ بنيادي عالمي ا??ساني حقن جي ڪنوينشنز تحت پنهنجن وعدن کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ ??وري طرح پُ??عز?? آهيون، ا??ان بنا ڪنهن فرق ۽ ٻٽي معيار جي عالمي ا??ساني حقن جي قانون کي برقرار رکڻ لاءِ ??ورپي يونين سميت پنهنجي عالمي ڀائيوارن سان ڳالهيون جاري رکنداسين.