اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سيڪيورٽي فورسز پاران خيبرپختونخواهه ۾ ٻن مختلف آپريشنز ۾ 8 خوارج مارڻ تي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڏکڻ وزيرستان ۽ لڪي مروت ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ??ار??وائي تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيو. هن آپريشن دوران دهشتگرد سرگرمين ۾ ملوث گهربل دهشتگرد جي مارجڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. صدر چيو ته فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي لاءِ پوري قوم ??نهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. هن دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي قومي عزم جو اظهار ڪيو.