اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان بيلاروس جي پرڏيهي وزير ميڪسم رائزنڪوف پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ بيلاروس جي پرڏيهي وزير ميڪسم رائزنڪوف ٻطرفي ۽ علائ??ائ?? معاملن ۽ صدر ??وڪ??شينڪو جي پاڪستان جي دوري جي ايجنڊا ۽ پروگرام تي خيالن جي ڏي ??ٺ ڪئي. هن پاڪستان بيلاروس لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو ۽ گڏيل لاڀائتي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڌرين پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ ٻطرفي مٽاسٽا ۽ اعليٰ سطح جي دورن جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته صدر ??وڪ??شينڪو جي دوري سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ملندي. هن وچ اوڀر جي صورتحال سميت اهم علائ??ائ?? ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي ??ٺ ڪئي. هن تڪرارن جي پرامن حل جي لاءِ پنهنجي حمايت جو اظهار ڪيو ۽ غزه ۾ انساني صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ٺوس موقف جي ضرورت تي زور ڏنو. هو ٻطرفي ۽ علائ??ائ?? معاملن تي خيالن جي ڏي ??ٺ ڪندا ۽ بيلاروس جي صدر اليگزينڊر ??وڪ??شينڪو جي دوري جي ايجنڊا ۽ پروگرام کي حتمي شڪل ڏيندا جيڪو اڄ پاڪستان جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پهچندو.