اسلام آباد- 20 نومبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته جي ??يس پي پلس پاڪستاني روانگي واپار جي ??رقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ملڪ جي معيشت ??ي متنوع بڻائڻ جو موقعو فراهم ڪيو آهي، ان جي فائدن ??ي مستقل بڻائڻ لاءِ معيار ۽ پاليسين کي ب??تر ڪيو وڃي ته جيئن عالمي مارڪيٽ ۾ چٽاڀيٽي برقرار رهي. اهڙو اظهار هن فريڊرڪ نعمان فائونڊيشن تحت واپار ذريعي ب??تر گورننس کي هٿي ڏيڻ جي ??قريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته جي ??يس پي پلس پروگرام پاڪستان جي ??وانگي واپار ۾ اضافو ڪيو آهي، ٽيڪسٽائل، چمڙي جي ??امان ۽ زرعي مصنوعات جي ??عبي کي فائدو پهتو آهي، ٽيڪسٽائل يورپي يونين جي پاڪستاني روانگي واپار جي ڪرنگهي جي هڏي آهي، جي ??يس پي پلس تحت وڌندڙ روانگي واپار جا موقعا پيدا ڪيا ۽ غربت ۾ گهٽتائي آندي. احسن اقبال چيو ته يورپي يونين ۽ پاڪستان جون ڳالهيون ماحولياتي معيارن ۽ گورننس سڌارن تي ٻڌل آهن، پاڪستان کي ٽيڪنالاجي ۽ هنر جي ??رقي لاءِ يورپي يونين کي واپاري پاليسي مان فائدو کڻڻ گهرجي، يورپي يونين سان واپاري حصيداري پاڪستان لاءِ اهم آهي، احسن اقبال چيو ته جي ??يس پي پلس پروگرام اقتصادي ترقي، گورننس ۽ واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، واپار، سول سوسائٽي ۽ عالمي برادري وچ ۾ تعاون ضروري آهي ته جيئن ان پروگرام جي مڪمل صلاحيت کي يقيني بڻائي سگهجي. حڪومت جي پائيدار ترقياتي ايجنڊا ۾ واپار ۽ روانگي واپار کي اولين ترجيح ڏني و ئي آهي، پائيدار معاشي استحڪام لاءِ موثر قدم کنيا پيا وڃن. احسن اقبال چيو ته معاشي استحڪام لاءِ پبلڪ پرائيويٽ حصيداري اهم ثابت ٿيندي، 5 ??يز فريم ورڪ ۾ ايڪسپورٽ، انرجي، ايڪويٽي، اي پاڪستان ۽ انوائرمينٽ شامل آهن. ملڪي معيشت مثبت رخ تي گامزن آهي. جي ??يس پي پلس سان يورپي منڊين لاءِ پاڪستان جي ??وانگي واپار ۾ نمايان اضافو ٿيو، موسمياتي تبديلي جي ??ثرن سان پاڪستان جي معيشت کي نقصان پهتو. هن چيو ته مستقبل ۾ 2022ع جهڙي ٻوڏ ??ي منهن ڏيڻ لاءِ منصوبابندي ڪرڻي پوندي. پاڪستان جي ??وانگي واپار ۾ اضافي لاءِ وسيع موقعا مو??ود آهن، ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي لاءِ نجي ??عبي جي ??وصلا افزائي ڪئي پئي وڃي. احسن اقبال چيو ته ملڪ ۾ تجديد جوڳي توانائي کي هٿي ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، جي ??يس پي پلس تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ لاءِ جلد ٽاسڪ فورس قائم ڪئي ويندي. روانگي واپار تي ٻڌل معيشت سان ئي پائيدار ترقياتي هدفن جي ??اصلات ممڪن آهي.