اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيره اسماعيل خان ۾ ايف سي جي قافلي تي خارجي دهشتگردن جي حملي جي ??دي?? لفظن ۾ مذمت ڪندي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ ايف سي اه??ڪار کي خراج عقيدت پ??ش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ امن امان قائم رکڻ جي لاءِ ايف سي ۽ پوليس جي آفيسرن ۽ اه??ڪارن جون عظيم قربانيون آهن، پنهنجي جان جي پروا??ه ڪرڻ کانسواءِ ملڪ مان فتنه الخوارج جي لعنت جي خاتمي لاءِ مصروف عمل سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اه??ڪارن کي مون سميت پ??ري قوم خراج تحسين پيش ڪري ٿي. هن چيو ته پوري پاڪستاني قوم دهشتگردي جي ان جنگ ۾ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿي سگهي. وزيراعظم حملي ۾ زخمي ٿيندڙ اه??ڪارن کي بهترين طبي سهولتون ف??اه?? ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم شهيد جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا پڻ ڪئي.