اسلام آباد – 01 نومبر (اي پي پي)ناڻي واري مملڪتي وزير عل?? پرويز ملڪ چيو آهي ته زرعي ترقياتي بئنڪ ۾ ميرٽ ۽ شفافيت ??ي ڀرتيون ڪيون وينديون آهن، خودمختيار ادارن کي منافعي بخش بڻائڻ لاءِ ڪوشسون ڪري رهيا آهيون. سينيٽ اجلاس ۾ عبدالشڪور اچڪزئي، ضمير گهمرو، دنيس ڪمار، ڪامران مرتضيٰ جي سوالن جو جواب ڏ??ندي هن چيو ته زرعي ترقياتي بئنڪ جو پنهنجو بورڊ آهي جنهن ۾ آئين ۽ قانون تحت ميرٽ ??ي ڀرتيون ڪيون وينديون آهن، ڪا ڪوٽا نا??ي. ??رعي ترقياتي بئنڪ جي ملازمن جو انگ 3367 آهي، بلوچستان کي ڪنهن به صورت ۾ نظر انداز ناهي ڪيو ويندو، اشتهارن ۽ شارٽ لسٽنگ کانپوءِ ميرٽ ۽ شفافيت تحت ڀرتيون ٿينديون آهن، ميرٽ ??ي ڀرتين سان ادارا ترقي ڪندا، آئين ۽ قانون تي عمل ڪنداسين، خودمختيار ادارن کي منافعي بخش بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.