اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وقتي صدر ??يد يوسف رضا گيلاني ڏياريءَ جي موقعي تي پاڪستان جي هندو برادري کي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وقتي صدر ڏياريءَ جي موقعي تي مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان جي هندو برادري کي ڏياريءَ جي ڏڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته ڏياريءَ روشنين جو ڏڻ امن، خوشحالي ۽ خوشي جو پيغام ڏي ٿو. وقتي صدر چيو ته پاڪستان ۾ ڏياريءَ جون خوشيون ملهائڻ م??هب?? هم آهنگي ۽ رواداري جي عڪاس آهي. وقتي صدر چيو ته ڏياريءَ اونداهي تي روشني جي فتح ۽ برائي تي سٺائي جي فتح جي علامت آهي. ??يد يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان ۾ ڏياريءَ جو ڏڻ ملهائڻ اسان جي ث??افت جي علامت آهي، پاڪستان جو آئين سمورين اقليتن ک?? م??هب?? آزادي جي ضمانت ڏي ٿو. پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.