اسلام آباد _28 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ، نجڪاري ۽ مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سعودي عرب جي سيڙپڪاري بابت نائب وزير ابرا??يم المبارڪ سان وڊيو لنڪ تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون. سومر ڏينهن تي ٿيل ورچوئل ملاقات ۾ سعودي وفد جي تازي پاڪستان جي دور?? جي روشني ۾ سيڙپڪار?? جي معاملن کي اڳتي وڌائڻ جو جائزو ورتو ويو .وفاقي وزير سعودي سيڙپڪاري بابت وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح جي مثبت جواب ??ي آجيان ڪئي . اجلاس ۾ مختلف شعبن ۾ ٿيندڙ پاڪ – سعودي جوائنٽ وينچرز ۽ ايم او يوز تي پڻ خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي. سعودي اختيارين وفاقي سيڙپڪاري واري وزير کي 25 ۽ 26 نومبر تي سعود?? جي ايڪسپو ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏني . وفاقي وزير چيو ته سعودي عرب سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ هر ممڪن تعاون کي يقيني بڻايو ويندو . هن چيو ته سعودي وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح جي دور?? جي روشني ۾ سيڙپڪاري کي تڪميل تائين پهچائينداسين. عمل جوڳي قدمن سان سيڙپڪار?? جي ايجنڊا کي مڪمل ڪيو ويندو . اجلاس ۾ سعودي اختيارين سيڙپڪاري جاري رکڻ تي دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ سيڙپڪاري لاءِ فالو اپ اجلاس جاري رکڻ ۽ عملي نتيجو آڻڻ تي اتفاق ڪيو ويو. سعودي عرب ۾ پاڪستان جي سفير احمد فاروق پڻ وڊيو لنڪ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي،وفاقي سيڪريٽري ۽ نجڪاري ڪميشن واري سيڪريٽري پڻ و??چوئل اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.