اسلام آباد -26 آڪٽوبر (اي پي پي) ??ائ?? وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيوزيلينڊ جي ??ائ?? وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ونسٽن پيٽرز سان ملاقات ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري پڌرائي مطابق سينيٽر محمد اسحاق ڊار ساموا ۾ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن (سي ايڇ او جي ايم) جي اجلاس جي موقعي تي نيوزيلينڊ جي پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ??ائ?? وزيراعظم ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ هٿ?? ڏيڻ جي حوالي سان دستياب موقعن مان فائدو حاصل ڪرڻ ??ي ضرورت تي زور ڀريو. ان موقعي تي بنهي ا??واڻن گڏيل مفادن لاءِ سمورن شعبن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ وسيع لاڳاپن جون جا گڏيل رستا ڳولهڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ??ائ?? وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ونسٽن پيٽرز ٻه طرفا واپاري لاڳاپن کي هٿ?? ڏيڻ، واپار ۽ سيڙپڪاري، تعليم ۽ عوام سان عوام جي رابطن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿ?? ڏيڻ ??ي ضرورت تي پڻ زور ڀريو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مختلف قدمن جي توثيق تي نيوزيلينڊ جو ٿورو مڃيندي پرڏيهي وزير چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل وراثت ۽ گڏيل اخلاقيات ذريعي هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن ۽ اثرائتي گهڻ رخي، جمهوري ۽ انساني عزت ۽ وقار کي هٿ?? ڏيڻ ۾ گڏيل مفاد رکن ٿا.