اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل ق??من جي 79هين سالگرهه جو ڏينهن اسان کي گڏيل ق??من جي چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو، گڏيل ق??من جي چارٽر جو منصفاڻي طريقي سان لاڳو به هڪ وڏو چئلينج آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ايڪس پيغام ۾ وزيراعظم م??مد شهباز شريف چي?? ته اڄ گڏيل ق??من جي 79هين سالگرهه جو ڏينهن اسان کي گڏيل ق??من جي چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو. هن چي?? ته ماحولياتي تبديلين جي منفي اثرن، جاگرافيائي ۽ سياسي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ۽ گلوبل سائوٿ جي گهري ٿيندڙ اقتصادي مشڪلاتون عالمي نظام جي وڏي چئلينجن جي نشاندهي ڪن ٿيون، گڏيل ق??من جي چارٽر جو منصفاڻي طريقي سان لاڳو به هڪ وڏو چئلينج آهي. وزيراعظم چي?? ته گڏيل ق??من جي خودمختياري جي حق جي قراردادن جي باوجود ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين جهڙا تڪرار اڃا به حل طلب آهن. جيستائين گڏيل ق??من جي بنيادي دستاويز جي شقن کي نظرانداز ڪيو و??ندو، بحران وڌيڪ گهرا ٿيندا ويندا. هن چي?? ته هو گڏيل ق??من جي هن ڏينهن تي گهڻ رخي نظام جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو، اسان هن دنيا کي سڀني جي لاءِ هڪ بهتر جڳهه بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ق??من سان گڏجي ڪم ڪندا رهنداسين جتي سمورن ماڻهن جي حقن خاص طور تي جائز ۽ فتح نه ٿيڻ جوڳي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪندڙن کي انهن جا حق ڏياري سگهجن.