رياض – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏجي ترقي ۽ خوشحالي جون منزلون طئي ڪندا، معاهد?? جي مَس خشڪ ٿيڻ کان اڳ انهن تي عملدرآمد خو?? آئنده آهي. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چئي. ان موقعي تي سعودي عرب جي شاهي ديوان جو صلاحڪار محمد بن التويجري پڻ موجود هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۾ اضافي جو سلسلو جاري آهي. پنهنجي تازي سعودي عرب جي دوري جي دوران وزيراعظم جي خصوصي ڪوششن سان سعودي عرب پاران پاڪستان ۾ وڌيڪ 600 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري جي معاهدن تي اتفاق ٿيو آهي. ان کان اڳ سعودي عرب جي سيڙپڪاري وفد جي آڪٽوبر 2024ع ۾ پاڪستا?? جي دوري ۾ 2.2 ارب ڊالر جي مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ٿيون آهن. وزيراعظم جي تازي سعودي عرب جي دوري ۾ 600 ملين ڊالر جي اضافي سان مجموعي طور تي پاڪستان ۾ تازي سعودي سيڙپڪاري جو ماپو 2.8 ارب ڊالر ٿي ويو آهي. جڏهن ته سعودي عرب جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ صحيحون ٿيندڙ مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن جو انگ 27 مان وڌي 34 ٿي ويو آهي. سعوديه پاڪستان سيڙپڪاري منصوبن مان 5 منصوبن تي ڪم شروع ٿي تيزي سان تڪميل طرف گامزن آهي. وزيراعظم جي دوري دوران ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي تي به ڳال??ه ٻولهه ٿي. وزيراعظم پاران سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستاني?? جي ڀلائي لاءِ سعودي حڪومت سان ڳال??ه ٻولهه به ڪئي وئي.