اسلام آباد- پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ بز??گن جو عالمي ڏهاڙو اڱاري ڏينهن ملهايو ويو. ان ڏينهن جي ملهائڻ جو بنيادي مقصد بزرگ ماڻهن جي حقن، فلاح ۽ بهبود جي حوالي سان آگاهي فراهم ڪرڻ آهي. گڏيل قومن جي انگن اکرن مطابق 2013ع ۾ سڄي دنيا ۾ بز??گن جو انگ 84 ڪروڙ 10 لک هو جڏهن ته 2050ع تائين سڄي دنيا ۾ اهو انگ 2 ارب تائين وڌي ويندو ۽ ان وقت هر 10 ب????گن مان 8 جو واسطو گهٽ ترقي يافته ملڪن سان هوندو. واضح رهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي 14 سيپٽمبر 1990ع ۾ هر سال پهرين آڪٽوبر تي بزرگ ماڻهن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي قرارداد منظور ڪئي هئي. جنهن بعد هر سال پهرين آڪٽوبر تي بزرگ ماڻهن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. بز??گن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي س??ڪا??ي ۽ نجي ادارن جي انتظام هيٺ منعقد تقريبن ۾ بز??گن جي مسئلن، انهن جي حل ۽ فلاح ۽ بهبود جي حوالي سان عوام ۾ شعور اجاگر ڪيو ويو.