اسلام آباد – 30 ??? س??پٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي آفيشل يوٽيوب چينل تي عالمي اڳواڻن جي تقريرن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي تقرير سڀ ک??ن وڌيڪ ڏٺي وئي. گڏيل قومن جي اداري سينٽر فار پبلڪ اوپينين ريسرچ انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا. وزيراعظم پريس ونگ پاران جاري تفصيل موجب گڏيل قومن جي آفيشل يوٽيوب چينل تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جو خطاب سڀ ک??ن وڌيڪ ڏٺو ويو. هو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب دنيا ۾ سڀ ک??ن وڌيڪ ڏٺو ويندڙ اڳواڻ بڻجي ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي گڏيل قومن جي اجلاس کي خطاب کي يو اين آفيشل يوٽيوب چينل تي هڪ لک 37 هزار ماڻهن ڏٺو. سڄي دنيا جي اڳواڻن جو جنرل اسيمبلي کي خطاب يو اين آفيشل يوٽيوب چينل ??ي سڌوسنئون نشر ڪيو ويو هو. الجزيره جي ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ تي پڻ وزيراعظم محمد شهباز شريف جو خطاب 16 لک ماڻهن ڏٺو.