اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ملائيشيا واپار، معيشت، بئنڪنگ جي شعبي، فوڊ ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي شعبن ۾ ٻط??في تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي، ٻنهي ملڪن گڏيل اهميت رکندڙ معاملن تي تعاون وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. اها ڳالهه ايوان صدر ۾ صدر آصف علي زرداري ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم جي وچ ۾ ملاقات دوران چئي وئي. صدر ملائيشيا جي وزيراعظم جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان پنهنجي لاڳاپن کي ملائيشيا سان وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ هو ٻط??في تعاون کي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته ملائيشيا جي وزيراعظم جو هي دورو ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻط??في تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيندو. صدر غزه جي موجوده صورتحال ت?? ڳڻتي جو اظهار ڪندي عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها اسرائيل کي فلسطيني عوام جي خلاف نسل ڪشيءَ ۽ ظلمن کان روڪڻ جي لاءِ قدم کڻي. ملائيشيا جي وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم صدر کي ٻڌايو ته هن وزيراعظم محمد شهباز شريف سان خوشگوار ماحول ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. ان موقعي تي نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين ۽ قومي ا??يم??لي ميمبر بلاول ڀٽو زرداري، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، سينيٽر شيري رحمان ۽ ٻيا اعليٰ حڪومتي ع??دي??ار پڻ موجود هئا.