اسلام آباد-03 آڪٽوبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ملائيشيا وچ ۾ ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. ملائيشيا ڏانهن چانورن، انبن ۽ حلال گوشت جو روانگي واپار وڌائي وڌيڪ پرڏ??هي ناڻو حاصل ڪري سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه پنهنجي ملائيشيا جي هم منصب سان ملاقات ۾ ڪيو. وفاقي وزير ملائيشيا جي سيڙپڪاري ۽ و??پار واري وزير ٽينگو عبدالعزيز سان ٻطرفي واپار کي وڌائڻ ۽ پاڪستان مان ملائيشيا کي اي??سپ??رٽ ٿيندڙ شين ۽ و??پاري رڪاوٽن کي گهٽائڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ واپار ۽ ٻين شعبن ۾ س??ڙپڪاري جي حوالي سان جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي غور ڪيو ويو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي تقريبن سمورن شعبن ۾ ترقيءَ جا امڪان موجود آهن ۽ ملائيشيا جي سيڙپڪارن کي انهن موقعن مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان سڄي دنيا ۾ اعليٰ معيار جا چانور ۽ انب اي??سپ??رٽ ڪري رهيو آهي ۽ ملائيشيا ۾ پاڪستاني انبن، حلال گوشت ۽ چانورن جي تمام گهڻي کپت آهي. هن چيو ته ملائيشيا چانورن جي امپورٽ لاءِ پاڪستان سان وڌيڪ سهڪار ڪري، پاڪستان حڪومت چانورن جي گهٽ ۾ گهٽ اي??سپ??رٽ قيمت (ايم اي پي) کي هٽائي ڇڏيو آهي جنهن سان پاڪستاني واپار ڪندڙن کي چٽاڀيٽي جي قي??تن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو موقعو ملندو. هن پاڪستاني گوشت ۽ جيليٽن اي??سپ??رٽ ڪندڙ ڪمپنين لاءِ ايڪريڊيٽيشن جي عمل ۾ س??ولت فراهم ڪرڻ تي زور ڀريو. هن چيو ته ان شعبي ۾ س??ڪار سان واپار ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي سگهي ٿو. واپار واري وزير چيو ته پاڪستاني واپارين کي ملائيشيا لاءِ گوشت اي??سپ??رٽ ڪرڻ ۾ پيش ايندڙ ڏُکيائين کي حل ڪرڻ ۽ طريقيڪار کي آسان بڻايو پيو وڃي، ان سان واپاري ڳاڻيٽي ۾ نمايان واڌ ممڪن ٿيندي. بعد ۾ ملائيشيا جي وزير پاڪستان کي آسيان جي سرگرمين ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، ڇاڪاڻ ته ملائيشيا آسيان جي سربراهي سنڀالي رهيو آهي.