اسلام آباد – 27 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ بلوچستان جي وڏي وزي?? مير سرفراز بگٽي ملاقات ڪئي جنهن ۾ ب??وچستان جي سيڪيورٽي ۽ امن امان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات ۾ ب??وچستان ۾ تازي دهشتگردي جي واقعن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ملاقات ۾ ب??وچستان ۾ امن امان قائم ڪرڻ جي حوالي سان تجويزن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر آصف علي زرداري چيو ته بلوچستان ۾ سيڪيورٽي صورتحال بهتر ب??ائڻ جي لاءِ هر مم??ن قدم کنيا وڃن. صدر دهشتگردن ج?? مڪمل خاتمي جي لاءِ موثر قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو.