ڪوئيٽا – 13 – آگسٽ (اي پي پي) نائب و??يراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق جشن آزادي جي تقري??ن ۾ شرڪت جي لاءِ ڪوئيٽا پهچي ويا آهن. ڪوئيٽا ايئرپورٽ تي نائب و??يراعظم محمد اسحاق ڊار، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال جو استقبال وڏي وزير مير سرفراز بگٽي، بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل، بلوچستان اسيمبلي جي اسپي??ر عبدالخالق اچڪزئي، قومي اسيمبلي ميمبر جمال شاهه ڪاڪڙ، صوبائي وزيرن بخت محمد ڪاڪڙ، راحيلا حميد دراني، حاجي علي مدد جتڪ ڪيو. نائب و??يراعظم ڪوئيٽا ۾ 14 آگسٽ جي تقري??ن ۾ شرڪت ڪندو ۽ گورنر، وڏي وزير ۽ مسلم ليگ (ن) بلوچستان جي اڳواڻن ۽ پارليامينٽ ميمبرن سان ملاقاتون ڪندو.