اسلام آباد – 29 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪ??ٽ لينڊ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب هن واپار ۽ سيڙپڪاري، ڪلائميٽ ريزيلينس، پائيدار تر??ي، نوجوانن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ، تعليم ۽ ٽيڪنيڪي جدت تي خصوصي ڌيان ڏيڻ سان گڏ پاڪستان ۽ دولت مشترڪه جي وچ ۾ تعاون جا رستا ڳولڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.