اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته معاشي ترقي، ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي بهتر بڻائڻ ۽ غربت ۾ گهٽتائي جي لا??ِ آبادي ۾ اضافي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ ۽ وسيلن ۽ آبادي جي ماپي جي وچ ۾ توازن پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، حڪومت نوجوانن کي معياري تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت جي فراهمي جي لا??ِ پرعزم آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيرا??ظم آبادي جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. وزيرا??ظم شهباز شريف چيو ته اسان آبادي جي مسئلن جي اهميت ۽ قومي ترقي تي ان جي گهري اثرن تي غور ڪرڻ جي لا??ِ عالمي برا??ري سان گڏ آهيون. پاڪستان جي آبادي، جنهن جو ڪاٿو هن وقت اٽڪل 24 ڪروڙ کان وڌيڪ ۽ ان ۾ 2.55 سيڪڙو جي بلند ترين شرح سان اضافو ٿي رهيو ۽ اندازو لڳايو ويو آهي ته پاڪستان جي آبادي 2030ع تائين 26 ڪروڙ 30 لک ۽ 2050ع تائين 38 ڪروڙ 30 لک ٿي ويندي. وزيرا??ظم چيو ته هن سال جي آبادي جي عالمي ڏهاڙي جو موضوع ”سڀني جي لا??ِ هڪ لچڪدار ۽ برابر مستقبل جي لا??ِ جامع ڊيٽا جي تياري“ آهي جيڪو پاڪستان جي لا??ِ اسان جي ويزن جو عڪاس آهي. وزيرا??ظم چيو ته اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي لا??ِ پرعزم آهيون ته اسان جي پاليسين ۽ پروگرامن ۾ سڄي پاڪستان مان هر شخص، ڪميونٽي ۽ آواز کي شامل رکيو وڃي. جامع ڊيٽا اسان کي صحت ۽ تعليم کان ??ٺي معاشي موقعن ۽ سماجي تحفظ تائين انهن شعبن جي نشاندهي جي قابل بڻائي ٿو جيڪي اسان جي ڪوششن جا گهرجائو آهن. وزيرا??ظم چيو ته معاسي ترقي، ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي بهتر بڻائڻ ۽ غربت ۾ گهٽتائي جي لا??ِ آبادي ۾ اضافي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ ۽ وسيلن ۽ آبادي جي ماپي جي وچ ۾ توازن پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيرا??ظم چيو ته پنهنجي حڪومت کي مختلف ضرورتن ۽ آبادي جي چئلينجز جو پوري طرح ادراڪ آهي. اسان هڪ اهڙي معاشي جي جوڙجڪ جي لا??ِ ڪم ڪري سگهون ٿا جتي پنهنجي وسيلن ۽ ترقي جي موقعن تائين برابر پهچ حاصل هجي. وزيرا??ظم چيو ته آبادي جو وڏو حصو نوجوانن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ 65 سيڪڙو آبادي 30 سالن کان گهٽ عمر جي نوجوانن تي ٻڌل آهي ۽ آبادي جو اهو تناسب ملڪ جي لا??ِ موقعن ۽ چئلينجز جو سبب آهي. هڪ طرف پاڪستان جا نوجوان معاشي ترقي، جدت ۽ سماجي ترقي کي اڳتي وڌائڻ جي بي پناهه صلاحيت رکن ٿا، ٻئي طرف نوجوانن جي وڏي آبادي کي تعليم، روزگار ۽ سماجي انضمام جي حوالي سان پڻ چئلينجز درپيش آهن. اسان جي حڪومت تيزي سان اڀرندڙ عالمي معيشت ۾ مقابلو ڪرڻ جي لا??ِ ان نوجوان نسل کي معياري تعليم ۽ هنر جي تربيت فراهم ڪرڻ جي پنهنجي ڪوششن ۾ پوري طرح پرعزم آهي. وزيرا??ظم چيو ته اسان نوجوانن جي لا??ِ نوڪرين جا وسيع موقعا پيدا ڪري رهيا آهيون ته جيئن اهي پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻي سگهن. وزيرا??ظم سمورين لاڳاپيل ڌرين، سرڪاري ادارن، سول سوسائٽي، نجي شعبي ۽ عالمي حصيدارن تي زور ڏنو آهي ته اهي بهتر مستقبل جي لا??ِ اسان جي ڪوششن ۾ هٿ ونڊائين. اسان هڪ اهڙو پاڪستان جوڙي سگهون ٿا جتي ماڻهن کي آبادي جي پائيدار واڌويجهه جي ذريعي عزت، سلامتي ۽ خوشحالي جي زندگي ميسر هجي.