اسلام آباد – 05 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري برطانيا جي نئين ??ون??يل وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان نئين حڪومت سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻ??رفو تعاون وڌيڪ ??ضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته آئون ڪيئر اسٽارمر کي برطانيا جي ??ون??ن ۾ فتح تي مبارڪباد ڏيان ٿو. صدر آصف علي زرداري چيو ته مون کي اميد آهي ته برطانوي وزيراعظم دنيا کي درپيش گڏيل چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.