اسلام آباد – 09 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انٽرميڊيئٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن بورڊ لاهور جي ام??حا??ن ۾ دانش اسڪول جي شاگرد محمد آيان ڪاشف کي پهريون نمبر اچڻ تي مبارڪباد ڏني آهي ۽ چيو آهي ته دانش اسڪول جو دائرو سڄي پاڪستان ۾ ڦهلائينداسين ۽ علم جي نور سان ملڪ ۾ تبديلي آڻينداسين. وزيراعظم آفيس ج?? ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته دانش اسڪول ميانوالي جي محمد آيان ڪاشف بورڊ جي ام??حا?? ۾ 1190 نمبر کڻي پنهنجي قابليت مڃرائي آهي. محمد آيان، سندس گ??رڀ??تين ۽ استادن کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد ڏي??ن ٿو. هن چيو ته دانش اسڪول جون ٻارڙيون ۽ ٻار نئون مث??ل بڻجي اڀري رهيا آهن. دانش اسڪول جو دائرو سڄي پاڪستان ۾ ڦهلائينداسين ۽ علم جي نور سان ملڪ کي تبديلي آڻينداسين. وزيراعظم بورڊ ام??حا?? ۾ ٻيو نمبر ايندڙ ماز حيدر ۽ ٽئين پوزيشن حاصل ڪندڙ ماهين سجاد، سائنس گروپ ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪندڙ ٽن شاگردياڻين عبيرا اشرف، زينب آصف ۽ سحر شڪيل کي به مبارڪباد ڏني آهي.