اسلام آباد-13 جو?? (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ريٽيلرز کي ٽيڪس جي دائري ۾ آڻڻ ضروري آهي ته جيئن ٻين طبقن تي ٽيڪس جو بار گهٽ ٿئي. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته اپريل ۾ رضاڪاراڻي رجسٽريشن تح?? 75 ??اپارين رجسٽريشن ڪرائي هئي. مئي ۾ ايف بي آر 6 شهرن ۾ قدم کنيا جنهن جي نتيجي ۾ هن وقت تائين 31 هزار ريٽيلرز ??ي رجسٽريشن ٿي چڪي آهي. هي عمل جاري رهندو ۽ پهرين جو??اءِ کان ريٽيلرز ??ي ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو. ناڻي واري وزير چيو هن وقت 9 ٽريلين رپين جي ڪرنسي گردش هيٺ آهي، ڊجيٽائزيشن ذريعي معاملا درست ٿي سگهن ٿا. اسان جي ڪوشش آهي ته ڪيش ٽرانزڪشن کي گهٽ کان گهٽ ۽ ختم ڪيو وڃي. پوائنٽ آف سيل رجسٽريشن جو سلسلو ٻيهر شروع ڪيو ويندو.