شينزن – 05 – جون (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته معيشت جي ترقي ۾ حڪومت نه پر نجي شعبو پنهنجو ڪردار ادا ڪندو، حڪومت پاليسي فريم ورڪ فراهم ڪندي ۽ ان جي تسلسل کي يقيني ??ڻائيندي، ملڪي معيشت جي استحڪام کي پائيدار بنيادن تي قائم ڪرڻ حڪومت جي بنيادي هدفن ۾ شامل آهي، انتظامي قدمن ۽ ڍانچاجاتي تبديلين جي ڪري پاڪستاني ڪرنسي مستحڪم آهي، وزيراعظم جي ايجنڊا تحت معيشت جي ترقي ۾ حڪومت نه پر نجي شعبو پنهنجو ڪردار ادا ڪندو، ايندڙ مالي سال دورا?? پانڊا بانڊ جاري ڪنداسين، چيني واپارين ۽ سي??پڪارن کي پاڪستان ۾ پنهنجي سي??پڪاري ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي. چين جي شهر شينزن ۾ پاڪ چين بزنس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته مجموعي معيشت جا انگ اکر مثبت ۽ صحيح رخ ۾ گامزن آهن، هن سال پاڪستان ۾ زراعت جي ترقي جي شرح 6.2 سي??ڙو آهي، مون کي يقين آهي ته وڏي صنعتن جي پيداوار ۽ خدمتن جي شعبي ۾ اهو رجحان جاري رهندو، مالي لحاظ کان استحڪام ۽ نظم ۽ ضبط کي يقيني ??ڻايو ويو آهي، پرائمري بيلنس وڌيڪ آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي آئي آهي، پرڏيهي ناڻي ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، هن سال ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو هڪ ارب ڊالر کان گهٽ ٿيندو، روانگي واپار ۾ ٽيڪسٽائيل کانسواءِ زراعت ۽ آءِ ٽي جو حصو پڻ وڌي رهيو آهي. هن چيو ته انتظامي قدمن ۽ ڍانچاجاتي تبديلين جي ڪري پاڪستاني ڪرنسي مستحڪم آهي، ڪرنسي مارڪيٽ ?? قياس آرائين کي گهٽ ڪيو ويو آهي، اسٽيٽ بئنڪ وٽ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 9 ارب ڊالر کان وڌي ويا آهن جيڪي ٻن مهينن جي روانگي واپار جي لاءِ ڪافي آهن. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستاني معيشت ۾ ناڻي واڌ هڪ حقيقي مسئلو آهي، ناڻي واڌ ۾ آهستي آهستي گهٽتائي اچي رهي آهي، گذريل سال ناڻي واڌ جي شرح 38 سي??ڙو هئي جيڪا هلندڙ سال 11 سي??ڙو جي سطح جي لڳ ڀڳ آهي، نه رڳو صارفين جي لاءِ قيمتن جا انگ اکر پر خوراڪ جي ناڻي واڌ ۾ پڻ گهٽتائي آئي آهي، پاليسي ريٽ ?? گهٽتائي سان معيشت تي سٺا اثر پوندا، مارڪيٽ ?? مثبت رجحان ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن جيڪي پاڪستاني معيشت تي سي??پڪارن جي اعتماد جي عڪاسي ڪري رهيا آهن. ناڻي واري وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف گذريل حڪومت جي دور ۾ اسٽينڊ باءِ معاهدي جي ذريعي معيشت جي استحڪام جي لاءِ جيڪو بنياد رکيو هو ان جا ثمر سامهون اچي رهيا آهن، اسان آءِ ايم ايف جو 9 مهينن جو پروگرام ڪاميابي سان مڪمل ڪيو آهي، ان سان مجموعي طور تي معيشت کي فائدو پهتو آهي، حڪومت آءِ ايم ايف سان هڪ وسيع ۽ ڊگهي مدي واري پروگرام جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪري رهي آهي، اسان جي آڏو ٻه سبب آهن جنهن جي ڪري اسان آءِ ايم ايف سان آخري ڊگهو ۽ وسيع پروگرام چاهيون ٿا، ان ۾ پهريون سبب مجموعي معيشت جي استحڪام کي پائيدار بنيادن تي قائم ڪرڻ آهي، ان تحت مختلف شعبن ۾ سڌارن جو سلسلو جاري رهندو، مجموعي قومي پيداوار جي شرح سان ٽيڪسن جي شرح کي موجوده سطح کان وڌائي 14، 13 سي??ڙو جي سطح تي آندو ويندو، توانائي جي شعبي ۾ بهتري آندي ويندي، توانائي جي شعبي ۾ گورننس ۾ بهتري جو عمل جاري آهي، ان ڏس ۾ نجي شعبي کي شامل ڪيو پيو وڃي، سرڪاري ملڪيتي ادارن ۾ سڌارا پڻ جاري آهن. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي ويزن موجب اها پاڪستان جي اندروني ??يجنڊا آهي، ان ايجنڊا تحت معيشت جي ترقي ۾ حڪومت نه پر نجي شعبو پنهنجو ڪردار ادا ڪندو، حڪومت پاليسي فريم ورڪ فراهم ڪندي ۽ ان جي تسلسل کي يقيني ??ڻائيندي. حڪومت جي مستقبل جي حڪمت عملي جو حوالو ڏيندي ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت روانگي واپار تي ٻڌل واڌويجهه تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ان ڏس ۾ اڄ اسان هتي چيني سي??پڪارن سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا آهيون، اسان سمجهون ٿا ته خصوصي اقتصادي زونز روانگي واپار جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ آهن. ناڻي واري وزير چيو ته سڌي سنئين ٻاهرئين سي??پڪاري ۾ اضافو به اسان جي ترجيح آهي، شينزن فورم ۾ ٻنهي ملڪن جي حڪومتي ۽ نجي شعبي جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جاري آهي، اسان جي خواهش آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جوائنٽ وينچر ٿئي. هن چيو ته عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽ تائين پهچ به اسان جو هدف آهي، ماضي ۾ پاڪستان آمريڪي ۽ يورو مارڪيٽ ?? بانڊ جاري ڪيا هئا، ايندڙ مالي سال ۾ اسان چيني ڪيپيٽل مارڪيٽ مان فائدو کڻڻ جو ارادو رکون ٿا، ايندڙ مالي سال دورا?? پاڪستا?? پانڊا بانڊ جاري ڪري رهيو آهي، ان جي ذريعي اسان چيني ڪيپيٽل مارڪيٽ تائين پهچ حاصل ڪنداسين جيڪا دنيا جي ٻي وڏي مارڪيٽ آهي. ناڻي واري وزير چيني سي??پڪارن کي ملڪ ۾ سي??پڪاري ۾ اضافي جي دعوت ڏيندي چيو ته پاڪستان جي حڪومت چين جي واپارين ۽ سي??پڪارن کي هر قسم جون سهولتون فراهم ڪندي، جيڪي ننڍا مسئلا موجود آهن انهن جي حل کي يقيني ??ڻايو ويندو.