اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف ايران جي صدر ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي سان فارسيءَ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ايراني شاعرن جي ??اڪستان جي حوالي سان فارشي شعر پڻ پڙهيا. وزيراعظم آفيس جي ??يڊ??ا ونگ پاران جاري بيان موجب ايراني صدر جي ??اڪستان جي دوري تي فارسي زبان ۾ آجيان ڪندي وزيراعظم چيو ته چشمِ ماه روشن دلِ ماشاد، توهان کي ڏسي اسان جون اکيون ٿڌيون ٿيون ۽ دل خوش ٿي. وزيراعظم ايراني صدر کي علامه تقي بهار جي ??اڪستان بابت فارسي ۾ ڪلام ”درود بر پاڪستان“ پڻ پڙهي ٻڌايو. ”هميشه لطف خداباد يارِ پاڪستان، به ڪين مباد فلڪ باديارِ پاڪستان“ پاڪستان تي الله جو سدائين فضل ۽ ڪرم جاري رهي ۽ آسمان پاڪستان کان ڪڏهن به ناراض نه ٿئي. وزيراعظم ايراني صدر سان ڳالهه ٻولهه ۾ فارسيءَ ۾ شعر پڻ پڙهيو جنهن ۾ ان جي ??اڪستان جي دوري جي ڀرپور آجيان ۽ کيس بار بار پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني. وزيراعظم جي ??ارسي ۾ ڳالهه ٻولهه تي شرڪت ڪندڙن جي چهرن تي مسڪراٽ اچي وئي. ايراني صدر ۽ وفد وزيراعظم جي ??ارسي زبان تي عبور ڏسي خوشگوار حيرت ۾ مبتلا ٿي ويا. وزيراعظم جي ??ارسي ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ شعر ٻڌي شرڪت ڪندڙ داد ڏيڻ کانسواءِ رهي سگهيا.