اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان پاڪستان بئنڪنگ ??حتسب سراج الدين عزيز ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بئنڪنگ ??حتسب صدر کي اداري جي سالياني رپورٽ پيش ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ ??وجب صدر بئنڪنگ صارفين کي 1.26 ارب رپين جو مالي ريليف فراهم ڪرڻ تي بئنڪنگ ??حتسب جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري چيو ته سال 2023ع ۾ بئنڪنگ ??حتسب جو 25 هزار کان وڌيڪ شڪايتن تي ڪارروائي ڪرڻ خوش آئنده آهي. صدر اداري جي قيام کان وٺي هيستائين شڪايت ڪندڙن کي 6.4 ارب جو مجموعي ريليف ڏيڻ تي پڻ ساراهيو. صدر بئنڪ فراڊ متاثرين کي فوري انصاف جي فراهمي جي ضرورت ??ي زور ڏيندي چيو ته بئنڪنگ ??حتسب ماڻهن کي بنا قيمت انصاف جي فراهمي، گڊ گورننس جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، شڪايتن جي جلد ازالي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ جي ضرورت ??هي، بئنڪن جي بدانتظامي جي خلاف بئنڪنگ ??حتسب جي ڪردار ۽ خدمتن بابت آگاهي پيدا ڪرڻي پوندي، بئنڪنگ ??حتسب بابت آگاهي سان ??ڌ کان وڌ ماڻهو خدمتن مان فائدو کڻي سگهندا. ملاقات ۾ بئنڪنگ ??حتسب بئنڪ صارفين جي شڪايتن جي فوري ازالي جي لاءِ بئنڪنگ ??حتسب جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي ت?? روشني وڌي. هن ٻڌايو ته بئنڪنگ ??حتسب تازو ئي آن لائين پورٽل جو صارف دوست نظام متعارف ڪرايو آهي، آن لائين پورٽل سان شڪايت ڪندڙن کي پنهنجي شڪايتن جي داخلا ۾ آساني ٿيندي.