اسلام آباد– 04 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??لس??يني سفير کي يقين ڏياريو آهي ته پاڪستان هر عالمي فورم تي ??لس??يني عوام سان يڪجهتي جي لاءِ آواز اٿاريندو رهندو، پاڪستان غزه جي عوام جي لاءِ امدادي سامان جون 7 قسطون موڪليون آهن جڏهن ته وڌيڪ هڪ عيد کانپوءِ موڪلي ويندي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ ??لس??ين جي سفير احمد جواد اي اي ربي م??اقات ڪئي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير اس??اق ڊار، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ پرڏيهي وزير پڻ موجود هئا. وزيراعظم ??لس??ين جي صدر ڊاڪٽر محمود عباس پاران سندس ٻيو ڀيرو وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد واري پيغام تي سندس ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان جا ??لس??ين سان تاريخي ۽ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ پاڪستان تسلسل سان ??لس??ين مسئلي جي گڏيل قومن، او آءِ سي سميت سمورن عالمي فورمن تي حمايت جاري رکي آهي. وزيراعظم 7 آڪٽوبر 2023ع کان غزه ۾ تسلسل سان جاري تازي اس??ائيلي ڏاڍ جي مذمت ڪندي چيو ته بهادر ۽ معصوم ??لس??ينين تي اهو اس??ائيلي ڏاڍ فوري طور تي بند ٿيڻ گهرجي. هن 17 هزار ٻارن سميت 32 هزار ??لس??ينين جي بي رحماڻي م??ت تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ اس??ائيلي فورسز جي ظالماڻي ڪاررواين سان 70 هزار زخمين جي جلد صحتيابي جي دع?? ڪئي. وزيراعظم انصاف جي عالمي عدالت ۾ ڏکڻ آفريقا پاران ڪيس داخل ڪرڻ ۽ ان فورم تي ??لس??ين جي حمايت ۾ پاڪستان پاران ڏنل بيان جو حوالو ڏنو. گڏيل قومن پاران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاران منظور ڪيل جنگبندي جي قرارداد جي آجيان ڪندي اس??ائيل پاران ان قرارداد کي نظرانداز ڪرڻ جي اس??ائيلي رويي تي ناپسنديدگي جو اظهار ڪندي چيو ته ان قرارداد جي باوجود اس??ائيلي ڏاڍ جاري اهي. هن ??لس??يني سفير کي يقين ڏياريو آهي ته پاڪستان هر عالمي فورم تي ??لس??يني عوام سان يڪجهتي جي لاءِ آواز اٿاريندو رهندو. پاڪستان غزه جي عوام جي لاءِ امدادي سامان جون 7 قسطون موڪليون آهن جڏهن ته وڌيڪ هڪ عيد کانپوءِ موڪلي ويندي. ??لس??يني سفير وزيراعظم ۽ پاڪستان جي عوام پاران ??لس??ين جي عوام جي مدد تي ٿورا مڃيندي چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ان سان ??لس??ينين جو حوصلو بلند ٿيو آهي.