اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ملڪ جي جيمز ا??نڊ جيولري سيڪٽر جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ويليو ايڊيڊ مصنوعات جي برآمد سان پاڪستان کي قيمتي پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. ايوان صدر جي ??ريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ جيمز ا??نڊ جيولري سيڪٽر جي ترقي جي حوالي سان ايوان صدر ۾ ٿيندڙ اجلاس دوران ڪيو. پاڪستان جيمز ا??نڊ جيولري ڊيولپمينٽ ڪمپني (پي جي جي ڊي سي) جي چيف ايگزيڪيوٽو آڦيسر محمد عالمگير چوڌري ۽ سينيئر سرڪاري آفيسرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته عالمي جواهرات ۽ زي??رن جي ??ارڪيٽ ۾ داخل ٿيڻ جي ??اءِ پاڪستان جي ??يمتي پٿرن جي ??صنوعات جي بهتر مارڪيٽنگ ۽ تشهير جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان جي جواهرات ۽ زي??رن جي شعبي ۾ ترقي جي ??ڏي صلاحيت آهي، ملڪي ترقي جي ??اءِ جيمز ۽ جيولري جي شعبي مان ڀرپور فائدو کڻڻو پوندو، جيمز ا??نڊ جيولري ۾ سيڙپڪاري جي ??اءِ غيرملڪي ڪمپنين جي حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي. صدر چيو ته غيرملڪي سيڙپڪاري سان ملڪي معيشت کي بهتر بڻائڻ، مقامي آبادي جي ??اءِ روزگار جا موقعا کولڻ ۾ مدد ملندي. آصف علي زرداري جواهرات ۽ جيولري جي شعبي ۾ تنوع آڻڻ ۽ صنعتن جي ??روغ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته مقامي افرادي قوت جي تربيت ۽ هنرمندي ۾ اضافي تي ڌيان ڏيڻو پوندو. صدر چيو ته مليڪ جواهرات ۽ جيولري جي شعبي جي ترقي تي ڌيان ڏيڻو پوندو، قابل قدر مصنوعات جي برآمدات سان پاڪستان قيمتي پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهي ٿو. پي جي جي ڊي سي جي سي اي او اجلاس کي جيمز ا??نڊ جيولري سيڪٽر جي ترقي لاءِ اسٽريٽجڪ پلان بابت آگاهه ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ مختلف چئلينجز ۽ موقعن کي اجاگر ڪيو.