پشاور – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت برساتن ۽ برفباري جي متاثرين سان هر قسم جو تعاون ڪندي، سمورا ادارا گڏجي متاثرين جي ??يسڪيو ۽ بحالي جي قدمن ۾ حصو وٺن، اين ڊي ايم اي صوبائي انتظاميا سان گڏجي متاثرين جي ??يسڪيو ۽ بحالي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي. هن اها ڳالهه تازي طوفاني برساتن ۽ برفباري سان خيبرپختونخواهه ۾ نقصانن ۽ جاري ريسڪيو ۽ بحالي جي قدمن جي ??والي سان اجلاس جي ??دارت ڪندي چئي. هو هڪ ڏينهن جي ??وري تي پشاور پهتو. ان موقعي تي وزيراعظم خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي ??لام علي سان گورنر هائوس پشاور ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽر اسحاق ڊار، خواجه محمد آصف، عطا تارڙ، امير مقام، مرتضيٰ جاويد عباسي ۽ اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام ح??در ملڪ پڻ شريڪ هئا. ملاقات ۾ وزيراعظم کي تازي طوفاني برساتن ۽ برفباري جي نتيجي ۾ نقصانن ۽ جاري امداد ۽ بهالي جي قدمن بابت آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي صوبائي انتظاميا، پي ڊي ايم اي، اين ڊي ايم اي ۽ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي قدمن تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته خيبرپختونخواهه ۾ تازي طوفاني برساتن ۽ برفباري جي نتيجي ۾ 40 ماڻهو فوت جڏهن ته 62 ماڻهو زخمي ??يا جن ۾ 27 ٻار به شامل آهن. ان کانسواءِ 635 گهر مڪمل ۽ جزوي طور تباهه ??يا آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي ??صوصي هدايت تي انهن طوفاني برساتن ۾ فوت ٿيندڙن جي وارثن کي 20 لک، زخمي ٿيندڙن کي في فرد 5 لک، مڪمل تباهه ٿيل گهرن جي ??هواسين کي 7 لک جڏهن ته جزوي طور متاثر گهرن جي ??هواسين کي 3.5 لک رپيا ڏنا پيا وڃن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته خيبرپختونخواهه ۾ سمورن وڏن رستن کي جزوي طور تي بحال ڪيو ويو آهي جڏهن ته جن رستن تي برفباري ۽ ڇپُون اڃان به ڪرن پيُون انهن تي به ڪم جاري آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ امڪاني برفباري جي ??والي سان پڻ ضلعي ۽ صوبائي انتظاميا ۽ اين ڊي ايم اي جي ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تياري مڪمل آهي. بريفنگ دوران وزيراعظم هدايت ڪئي ته سمورا ادارا گڏجي ??وفاني برساتن ۽ برفباري جي متاثرين جي ??يسڪيو ۽ بحالي جي قدمن ۾ حصو وٺن. هن چيو ته متاثرين جي مدد ۽ بحالي ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي وڃي. هن اين ڊي ايم اي کي هدايت ڪئي ته اها صوبائي انتظاميا سان گڏجي متاثرين جي ??يسڪيو ۽ بحالي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته متاثر گهرن جي ??هواسين کي ايندڙ 5 ڏينهن ۾ امدادي رقم جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ وفاقي حڪومت متاثرين سان هر قسم جو تعاون ڪندي. اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي ??لام علي، اسحاق ڊار، خواجه آصف، عطا تارڙ، امير مقام، مرتضيٰ جاويد عباسي، اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام ح??در ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ صوبائي عملدارن شرڪت ڪئي.