اسلام آباد – 19 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي عام يوٽيوبرز جي ويور شپ وڌيڪ آهي، پي ٽي وي کي سوشل ميڊيا تي پنهنجي ويور شپ وڌائڻ جي ضرورت آهي، ??يڊ??و پاڪستان جو مينڊيٽ ماڻهن کي معلومات جي فراهمي آهي، ??يڊ??و پاڪستان ??مرشل ادارو نه آهي، حڪومت تحت ڪم ڪندڙ ادارو ??هي، توانائي واري وزارت کي درخواست ڪئي آهي ته ??يڊ??و پاڪستان ??ان بجلي جي بلن تي ڪمرشل ٽيرف چارج نه ڪيو وڃي. اها ڳالهه هن سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي چئي. ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي ڪنوينر سينيٽر فوزيه ارشد جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي ميمبرن کانسواءِ اطلاعات ۽ نشريات وار?? سيڪريٽري، پي ٽي وي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر، ??يڊ??و پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ڪميٽي کي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ان جي انتظامي ڪنٽرول ۾ ڪم ڪندڙ لاڳاپيل کاتن ۾ تجويز ڪيل سڌارن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??يڪريٽري شاهيره شاهد پي ٽي وي جي مالياتي پلان جي حوالي سان ??ميٽي کي بريفنگ ڏني. ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته پي ٽي وي ۾ اٽڪل 4100 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، پي ٽي وي تي وڏي لائبلٽي پينشن جي هئي جنهن کي ڪنٽري بيوٽري فنڊ ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. ڪميٽي کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته بجلي جي بلن جي مد ۾ پي ٽي وي کي حاصل ٿيندڙ روينيو سان پي ٽي وي جا پروگرامز ۽ ٻيا خرچ پورا ڪيا وڃن ٿا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ڪميٽي کي ٻڌايو ته سوشل ميڊيا تي عام يوٽيوبرز جي ويور شپ تمام وڌيڪ آهي. هن چيو ته پي ٽي وي پنهنجي معياري پروگرامز کي سوشل ميڊيا تي به اپ لوڊ ڪري رهي آهي، پي ٽي وي کي سوشل ميڊيا تي ويور شپ وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پي ٽي وي جي پروڊڪٽس جي پبلسٽي جي لاءِ مارڪيٽنگ ۽ سوشل ميڊيا مارڪيٽنگ کي بهتر ڪرڻو پوندو. اطلاعات واري وفاقي ??يڪريٽري ڪميٽي کي ٻڌايو ته ايڊيشنل سيڪريٽري اطلاعات واري وزارت پي ٽي وي جي بورڊ آف گورنرز جو ميمبر هوندو آهي، ڪابينا جي منظوري سان ??نهن به اهل شخص کي اداري جو سربراهه لڳائي سگهجي ٿو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت وٽ جڏهن اهو معاملو آيو ته اسان بهتر اهو ئي سمجهيو ته اهو ڪم چونڊيل حڪومت تي ڇڏيو وڃي، سليڪشن جي لاءِ اشتهار ڏيڻ جو ڊگهو پراسيس آهي جيڪو نگران دور ۾ ممڪن نه هو، مناسب اهو ئي سمجهيو ته نئين پارليامينٽ ۽ حڪومت جڏهن اقتدار ۾ ايندي ته اها پنهنجو استحقاق استعمال ڪندي. اطلاعات واري وفاقي ??يڪريٽري ڪميٽي کي ٻڌايو ته پي ٽي وي نيشنل براڊ ڪاسٽر آهي، پي ٽي وي واحد چينل آهي جيڪو پوري پاڪستان ۾ ڏٺو وڃي ٿو، پاڪستان جي ڏورانهن علائقن ۾ به پي ٽي وي جي نشريات ڏٺي وڃي ٿي. پي ٽي وي اسپورٽس جي رائيٽس جي حوالي سان هن چيو ته ان معاملي تي پ?? سي بي سان رجوع ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پي ٽي وي اسپورٽس جي رائيٽس بابت موجوده ۽ گذريل چيئرمين پ?? سي بي سان ملاقات ٿي هئي. ڪميٽي کي ??يڊ??و پاڪستان جي نئين قدمن ۽ خصوصي پروگرامن بابت بريفنگ ڏني وئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ??يڊ??و پاڪستان جو مينڊيٽ ماڻهن کي اطلاع جي فراهمي آهي. ??يڊ??و پاڪستان ??ان ??ارج ٿيندڙ بجلي جي بلن جي حوالي سان توانائي واري وزير ۽ توانائي وار?? سيڪريٽري سان ميٽنگ ڪئي آهي، اسان توانائي واري وزارت کي درخواست ڪئي ته ??يڊ??و پاڪستان ??ي بجلي جي بلن جي مد ۾ ڪمرشل اگهه چارج نه ڪيا وڃن. هن چيو ته ريديو پاڪستان ??مرشل ادارو نه آهي، هي حڪومت تحت ڪم ڪندڙ ادارو ??هي جنهن جو ڪم ماڻهن کي معلومات جي فراهمي آهي تنهن ڪري اسان ??ان ??مرشل اگهه تي بل چارج نه ٿيڻ گهرجن. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ڪميٽي جي سمورن ميمبرن جا ٿورا مڃيا. واضح رهي ته اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي سمورن اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي آهي.