اسلام آباد- 06 فيبروري (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان عام چونڊ ۾ حصو وٺندڙ سمورين سياسي پارٽين ۽ ??مي??وارن کي خبردار ڪيو آهي ته ضابطه اخلاق مطابق عام چونڊن جي ??ين??ن پولنگ اسٽيشنن جي 400 ميٽرن جي حدن ۾ ڪنهن به قسم جي مهم ۽ ووٽرن کي ووٽ ڏيڻ لاءِ قائل ڪرڻ ۽ ڪنهن خاص ??مي????ار لاءِ مهم هلائڻ تي پابندي هوندي. هتي جاري بيان ۾ ترجمان چيو ته پولنگ اسٽيشن جي 100 ميٽر اندر ڪنهن خاص ??مي????ار جي حق ۾ ووٽ وِجهڻ لاءِ ووٽر جي حوصله افزائي يا ان کي ووٽ نه ڏيڻ لاءِ حوصله شڪني تي ٻَڌل نوٽيس، علامتون، بينر يا جهنڊا لڳائڻ تي مڪمل پابندي هوندي. جڏهن ته سياسي پارٽيون، ??مي??وار، اليڪشن ايجنٽ يا ان جا حمايتي، پولنگ واري ??ين??ن ٻهراڙي وارن علائقن ۾ پولنگ اسٽيشن کان 400 ميٽر يا شهري علائقن ۾ 100 ميٽرن جي مفاصلي تي پنهنجي ڪيمپ لڳائي سگهندا. ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر، رٽرننگ آفيسر ۽ پوليس انتظاميه ڄاڻايل مٿين شقن تي عملدرآمد تي يقيني بنائڻ جا ذمي??ار هوندا، ان جي خلاف ورزي غير قانوني فعل تصور ڪئي ويندي، جنهن تي قانون مطابق سخت ڪارروائي ٿيندي.