اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) نگران وزير??عظ?? ا??وا??الحق ڪاڪڙ وفاقي وزيرن، صلاحڪارن، خاص معاونين، وفاقي ادارن جي آفيسرن کي ٻاهرئين ملڪ سرڪاري ۽ نجي دورن جي ڏنل اجازت واپس وٺي ڇڏي آهي. نگران وزير??عظ?? هدايت ڪئي آهي ته چونڊن جو عمل مڪمل ٿيڻ تائين ڪنهن کي به پرڏيهي دوري جي لاءِ ا??ڪس پاڪستان ليو نه ڏني وڃي. ڪابينا ڊويزن پاران جاري ٿيندڙ نوٽيفڪيشن موجب نگران وزير??عظ?? وفاقي وزيرن، صلاحڪارن، خاص معاونين ۽ وفاقي ادارن ۾ شامل ماتحت ادارن، خودمختيار ادارن جي آفيسرن کي ڏنل غيرملڪي سرڪاري يا نجي دورن جي اجازت واپس وٺي ڇڏي آهي. نگران وزير??عظ?? پاران هدايت ڪئي وئي آهي ته ڪنهن غيرملڪي دوري جي لاءِ ا??ڪس پاڪستان ليو نه ڏني وڃي. سڀئي وفاقي سيڪريٽريز ک?? چيو ويو آهي ته اهي انهن هدايتن تي مڪمل عمل ڪرائڻ کي يقيني بڻائين.