اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران امن ۽ خوشحالي جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ ج?? لاءِ گڏيل احترام ۽ گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ ج?? لاءِ گڏيل موقف جي بنياد تي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق نگران پرڏيهي وزير جليل عباس ج??لاني ۽ ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي وچ ۾ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ۾ طئي ٿيو. پرڏيهي آفيس ج?? ترجمان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ٻطرفن لاڳاپن کي مثبت انداز ۾ اڳتي وڌائڻ ج?? لاءِ مضبوط مڪالمن ۽ تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. ان موقعي تي ٻنهي ڌرين امن ۽ خوشحالي جي لاءِ گهربل مقصدن کي حاصل ڪرڻ ج?? لاءِ گڏيل احترام جي بنياد تي ۽ گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ ج?? لاءِ اجتماعي موقف جي بنياد تي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.