اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته 8 فيبروري جي چونڊن جي ڪوريج ۽ شفافيت جو جائزو وٺڻ جي لاءِ 14 ملڪن مان ميڊيا جا نمائندا ۽ مبصر پاڪستان پهچندا، 49 غيرملڪي صح??فين کي ويزا جاري ڪري ڇڏيا آهن، 32 درخواستن تي ڪم جاري آهي، پاڪستان ۾ موجود غيرملڪي ميڊيا هائوسز جي نمائندن جي ايڪريڊيٽيشن ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي لاءِ درخواستون ملي چڪيون آهن، اليڪشن ڪميشن ۽ نگران حڪومت پاران غيرملڪي مبصرن ۽ صح??فين کي مڪمل سهولتون فراهم ڪيُون وينديُون. اها ڳالهه هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪن??ي ڪئي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ امبرين جان، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ڊاڪٽر طارق محمود ۽ ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو پاڪستان سعيد احمد شيخ به موجود هئا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته چونڊن جي حوالي سان قياس آرائين کان پاسو ڪرڻ گهرجي، چونڊن جي ڪوريج جي لاءِ غيرملڪي ميڊيا جا نمائندا اڳ ۾ ئي پاڪستان ۾ موجود آهن. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران اليڪشن ڪوريج جي لاءِ غيرملڪي صح??فين ۽ مبصرن جون درخواستون ڏيڻ جي آخري تاريخ 20 جنوري مقرر ڪئي وئ?? هئي پر ان تاريخ کانپوءِ به غيرملڪي صح??فين ۽ مبصرن جون درخواستون ملي رهيون آهن. هن چيو ته هيستائين غيرملڪي صح??فين کي 49 ويزا جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 32 درخواستن تي ڪم جاري آهي. هن چيو ته پاڪستان هاءِ ڪميشن نئين دهلي مان به اٽڪل 24 درخواستون مليون آهن جيڪي عمل جي مرحلي ۾ آهن، مجموعي طور تي ميڊيا جي مختلف ادارن پاران 174 درخواستون مليون آهن، ان کانسواءِ غيرصحافي ڪيٽيگري مان رڳو برطانيا مان غيرملڪي مبصرن جي 25 درخواستن تي ڪم جاري آهي. اهڙي طرح رشين فيڊريشن پاران 8، جاپان مان 13 درخواستون غور هيٺ آهن. جڏهن ته ڪئناڊا مان پارليامينٽ جي 5 ميمبرن درخواستون ڏنيون آهن، ڏکڻ آفريقا مان ٻن مبصرن ۽ ڪامن ويلٿ مان 5 درخواستون مليون آهن، جن تي ڪم جاري آهي. هن چيو ته هن وقت تائين پاڪستان ۾ 6065 صح??فين کي ايڪريڊيٽيشن ڪارڊ ڏنا ويا آهن جن ۾ لاهور مان 1200، ڪراچي مان 1470، پشاور مان 1050، ڪوئيٽا مان 600، حيدرآباد مان 355، فيصل آباد مان 255 ۽ ملتان مان 290 صح??في شامل آهن. هن چيو ته عالمي صح??فين ۽ مبصرن ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد جي لاءِ اجازتناما ورتا آهن. انهن ٽن وڏن شهرن کانسواءِ جيڪڏهن ڪو غيرملڪي صح??في ڪنهن ٻئي شهر ۾ وڃڻ چاهي ته ان جو ڪيس ٽو ڪيس جائزو ورتو ويندو. هن چيو ته 20 جنوري جي تاريخ گذري وڃڻ جي باوجود اڃا به اليڪشن ڪميشن ۽ اطلاعات واري وزارت جا لاڳاپيل ادارا انهن درخواستن تي غور ڪري رهيا آهن. صح??فين جي سوالن جا جواب ڏيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته رياست جي ذميواري آهي ته اها پنهنجي شهرين جي حفاظت ڪري، غيرملڪي صح??فين ۽ مبصرن کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي. ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ امبرين جان هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته چونڊن جي ڪوريج جي لاءِ 14 ملڪن مان 81 درخواستون مليون، جن مان 49 غيرملڪي صح??فين کي ويزا جاري ڪيا ويا آهن. جڏهن ته باقي درخواستن تي ڪم جاري آهي. هن چيو ته 174 صح??فين اڳ ۾ ئي ايڪريڊيٽيشن ڪارڊن جي لاءِ درخواستون ڏئي رکيون هيون جيڪي پاڪستان ۾ موجود فارن ميڊيا هائوسز جي لاءِ پاڪستان ۾ ويهي ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جو ضابطه اخلاق جاري ٿي چڪو آهي، پاڪستان ۾ موجود صح??فين ۽ ٻاهرئين ملڪن مان ايندڙ صح??فين سان اهو ضابطه اخلاق شيئر به ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته غيرملڪي صح??في جڏهن پاڪستان ايندا ته انهن کي اي سي پي کان ايڪريڊيٽيشن ڪارڊ وٺي ڏنا ويندا. هن چيو ته غيرملڪي مبصرن جو انگ 55 آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته غيرملڪي صح??فين جي سهولت لاءِ پي آءِ ڊي ۾ اليڪشن سيل قائم ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ ۾ به اليڪشن سيل 24 ڪلاڪ ڪم ڪن??و، جيڪو صح??فين کي سهولتون فراهم ڪن??و.