اس??ام آباد-05 فيبروري (اي پي پي) انساني حقن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ وزيراعظم جي خاص مددگار مشعال ملڪ چيو آهي ته ڪشميري ڪڏهن به ڀارتي ڏاڍ ۽ ناجائز قبضي آڏو هٿيار ڦٽا نه ڪندا ۽ هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏوگڏ معصوم ڪشميرين جو آزاديءَ وارو جذبو وڌي رهيو آهي. يومِ يڪجهتي ڪش??ير جي موقعي تي هڪ نجي ٽي وي چينل سان خصوصي انٽرويو ۾ هن ڪشميرين سان يڪجهتيءَ جي اظهار لاءِ 5 فيبروريءَ جي اهميت تي زور ڀريو. هن عالمي برادريءَ تي زور ڀريو ته هو ڪش??ير تڪرار جي حل لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وِجهن. هن چيو ته فوجي طاقت ذريعي ڪشميرين جي آواز کي ڪچلڻ لاءِ هر وحشياڻو ط??يق?? استعمال ڪرڻ باوجود ڀارت ڪشميرين کي فتح ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ انهن جي آزاديءَ وارو جذبو گذرندڙ ڏينهن سان گڏ زور وٺي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي پوري سياسي، مذهبي ۽ عسڪري قيادت ڪش??ير مسئلي تي متحد آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪش??ير ۽ پاڪستان جي عوام وچ ۾ اهڙو مضبوط رشتو آهي جو ڪوبه ڪش??ير ڪاز سان غداري جو سوچي به نٿو سگهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان جي نئين حڪومت کي ڪش??ير مسئلي جو سڀ کان ??ڏو چئلينج سامهون هوندو ۽ فوري ايڪشن وٺڻو پوندو. هن چيو ته نگران حڪومت خصوصي ڪشميري ڪميٽين سان گڏجي ڊگهي مُدي جي حڪمت عملي بڻائي رهي آهي. حڪومت ڪش??ير ڪاز کي اجاگر ڪيو آهي ۽ آئينده حڪومت به تحريڪ آزاديءَ کي ترجيح ڏي. هن اهو به مطالبو ڪيو ته گڏيل قومن جي اداري ۽ انساني حقن جي ٻين تنظيمن کي ڪش??ير مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن. هن چيو ته ڪش??ير جا ماڻهو غير قانوني ڀارتي ۽ والاريل ڪش??ير ۾ ڀارتي ف??جي حملن سبب انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جو شڪار آهن.