اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته بريل رسم الخط ڏسڻ کان محروم ماڻهن جي ل??ءِ خودمختياري، آزادي ۽ شموليت جي علامت آهي، بريل رسم الخط جي تعليم ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ برابر معاشري جي جوڙجڪ جي ل??ءِ اهم قدم آهي، عالمگير پهچ جي ل??ءِ متحد ٿيڻ ڪو اعزاز نه آهي پر ا??ان جي گڏيل عزم جو عڪاس آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي بريل رسم الخط جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پيغام ۾ چيو ته ڏسڻ کان محروم ماڻهن جي علم تائين پهچ بهتر بڻائڻ جي اهميت اجاگر ڪرڻ جي ل??ءِ بريل رسم الخط جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي، بريل لمس تي ٻڌل رسم الخط کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي، ڏسڻ کان محروم ماڻهن جي پهچ وڌائڻ طرف پاڪستان جي ترقي پسند ڪوششن کي ساراهيان ٿو، لوئس بريل جي ايجاد، ڏسڻ کان محروم ماڻهن جون زندگيون بدلايون. هن چيو ته پاڪستان بريل خواندگي ۽ پهچ وڌائڻ طرف ذڪر جوڳي عزم جو مظاهرو ڪيو آهي، پاڪستان عالمي سطح تي مڃيل ڏسڻ کان محروم ماڻهن جي ل??ءِ مراڪش معاهدي جي توثيق ڪئي آهي، مراڪش معاهدي ??ان ڏسڻ کان محروم ماڻهن کي بريل رسم الخط، آڊيو ۽ وڏي پرنٽس ۾ ??کي?? ڪتابن تائين پهچ ۾ مدد ملندي، تعليمي ادارن ۽ لائبريرين ۾ بريل رسم الخط کي شامل ڪرڻ جي ل??ءِ اهم قدم کنيا ويا، پاڪستان جامع ماحول جي ل??ءِ جديد تربيتي پروگرام شروع ڪيا آهن، بريل رسم الخط ??ان پاڪستان تعليم، اد??، تربيت ۽ بحالي جي موقعن تائين برابر پهچ کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ اڻٿڪ عزم جو اظهار ڪري ٿو. هن چيو ته اڄ ا??ان معذور ماڻهن جي حقن جي فروغ جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪريون ٿا، يقين آهي ته گڏجي ا??ان اهڙي دنيا ٺاهي سهگون ٿا جتي رڪاوٽون ختم ٿين، سڀني کي اڳتي وڌڻ جا موقعا ملن.