اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي نئين ضم ??يل ضلعن جي ترقي، ڀلائي ۽ خوشحال?? جي لاءِ وفاقي حڪومت محدود وسيلن جي باوجود ص??با??ي حڪومت کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندي?? صوب?? جي عوام دهشتگرد?? جي خلاف لازوال قربانيون ڏنيون آهن?? صوبي جا مالي وسيلا حل ڪرڻ جي لاءِ هڪ سيڪريٽريل ڪميٽي جوڙي وڃ?? جيڪا نيٽ هائيڊل پرافٽس ۽ تيل ۽ گئس جي رائلٽ?? جي ادائيگ?? جي حوالي سان سفارشون جوڙي، خيبر ميڊيڪل ڪاليج پشاور ۽ ايوب ميڊيڪل ڪاليج ايبٽ آباد کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ جو ڪم تيز ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ خيبرپختونخواهه جي معاملن بابت اهم جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه جي نئين ضم ??يل ضلعن جي ترقي، ڀلائي ۽ خوشحال?? جي لاءِ وفاقي حڪومت محدود وسيلن جي باوجود خيبرپختونخواهه حڪومت کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي مسئلن کان پوري طرح آگاهه آهيون، اسان خيبرپختونخواهه جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ بيٺل آهيون. نگران وزيراعظم خيبرپختونخواهه صوبي جا مالي وسيلا فوري طور تي حل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته هن صوب?? جي عوام دهشتگرد?? جي خلاف لازوال قربانيون ڏنيون آهن. نگران وزيراعظم صوبي جا مالي مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ هڪ سيڪريٽريل ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئ?? جيڪا ان حوالي سان حڪمت عملي جوڙيندي. ڪميٽي نيٽ هائيڊل پرافٽس ۽ تيل ۽ گئس جي رائلٽ?? جي ادائيگ?? جي حوالي سان سفارشون جوڙيندي. ڪميٽ?? جي سربراهي ناڻي وارو وفاقي سيڪريٽري ڪندو جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ منص??با??ندي وارو وفاقي سيڪريٽري، پاڻي وسيلن وارو وفاقي سيڪريٽري ۽ پيٽروليم وارو وفاقي سيڪريٽري شامل هوندا. نگران وزيراعظم خيبر ميڊيڪل ڪاليج پشاور ۽ ايوب ميڊيڪل ڪاليج ايبٽ آباد کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ جو ڪم تيز ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته نگران حڪومت گذريل چئن مهينن ۾ هر شعبي ۾ سڌارا متعارف ڪرايا آهن جن جو فائدو ملڪ ۽ قوم ۽ ايندڙ چونڊيل حڪومت کي ٿيندو. اجلاس ۾ ناڻي واري نگران وفاقي ڊاڪٽر شمشاد اختر، توانائي واري نگران وفاقي وزير محمد علي، قانون ۽ پاڻي وسيلن واري نگران وفاقي وزير احمد عرفان اسلم، خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ ارشد حسين شاهه، ناڻي واري نگران ص??با??ي وزير احمد رسول بنگش، نئين ضم ??يل ضلعن بابت نگران ص??با??ي وزير عامر عبدالله، ايف بي آر چيئرمين، واپڊا چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.