برسلز – 29 ?? نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير ??ليل عباس جيلاني بيلجيئم جي گادي واري شهر برسلز ۾ پاڪستان بيلجيئم پارلياماني فرينڊ شپ گروپ جي چيئرپرسن سينيٽر ايليسيا ڪليس ۽ يورپي يونين جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي. بيلجيئم ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران جاري بيان موجب ملاقا?? ۾ ??ورپي پارليامينٽ ميمبرن راسا جڪنيوسين، فوبيا ماسيمو ڪاسٽالڊو، آنگاهاگا، برن هارڊ زيمنيوڪ، ٿامس زيچو وسڪي ۽ هروجاون شريڪ هئا. ان موقعي تي نگران پرڏيهي وزير ??ليل عباس جيلاني چيو ته پاڪستان يورپي يونين سان ٻطرفي گهڻي رخي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. هن يورپي پارليامينٽ ميمبرن کي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪي??. ن??ران پرڏيهي وزير چيو ته عالمي برادري ڀارت پاران معصوم ڪشميرين تي جاري ظلمن جو سل??لو بند ڪرائڻ جي لاءِ دٻاءُ وجهي. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري اظهار جي آزادي جي پابندين ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي خاتمي لاءِ عالمي برادري ۽ انساني حقن جي عالمي تنظيمن سان تعاون جي گهرجائو آهيون، پاڪستان گڏيل قومن جي سل??متي ڪائونسل جي قراردادن موجب معصوم ڪشميرين کي انهن جو جائز حق خودمختياري جو حق ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي معاونت جاري رکند??. ن??ران پرڏيهي وزير پاڪستان بيلجيئم پارلياماني فرينڊ شپ گروپ ي چيئرپرسن سينيٽر ايليسيا ڪليس سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ معيشت، واپار، سيڙپڪاري، تعليم، ثقافت ۽ سياحت سميت گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فورغ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي يورپي يونين، بيلجيئم ۽ لڪسمبرگ جي لاءِ پاڪستان جي سفير ??منه بلوچ پڻ نگران پرڏيهي وزير ??ان گڏ هئي.