بيجنگ – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين جي صدر شي جن پنگ پاران عالمي اڳواڻن جي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس ??ي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ صدر شي جن پنگ پاران ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ شريڪ عالمي اڳواڻن جي لاءِ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت جي لاءِ گريٽ ??ال آف پيپلز پهتو جتي چيني صدر شي جن پنگ ۽ خاتون اول پا??گ لي يوان نگران وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. نگران وفاقي ڪابينا جي وزيرن پڻ نگران وزيراعظم سان گڏ آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي. گريٽ ??ال آف پيپلز ۾ منعقد ان آجياڻي ۾ روس، ڪينيا، ايٿوپيا، منگوليا، هنگري، سريلنڪا، قزاقستان، ازبڪستان، پا??وا نيوگني?? موزمبيق، چلي ۽ ٻين عالمي اڳواڻن شرڪت ڪئي. نگران وزيراعظم آجياڻي ۾ شريڪ عالمي اڳواڻن سان غيررسمي ملاقاتون پڻ ڪيون.