اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) ايوان صدر پاران آڪٽوبر مهين?? ۾ ??اتيءَ جي ڪينسر بابت سالياني آگاهي مهم جاري آهي جنهن جو مقصد پاڪستاني عورتن جي ان موذي مرض سان موت جي شرح کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ باقاعده اسڪريننگ ک?? فروغ ڏيڻ ??هي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ سندس گهرواريءَ ثمينه علوي گذريل چئن سالن کان ملڪ ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. هن سال آگاهي مهم ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جو پاڻ معائنو، جلد تشخيص ۽ وقت سر علاج کي فروغ ڏيڻ ??ي ڌيان ڏنو ويو آهي. ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي تعاون سان ايوان صدر بريسٽ ڪينسر بابت معلوماتي ۽ تعليمي مو??د کي بروشرز ۽ بينرز جي شڪل ۾ تيار ڪيو آهي. اها معلومات صدارتي آفيس جي ويب سائيٽ: http://president.gov.pk/breast-cancer-awareness-printing-material-2 تي دستياب آهي. ڇاتيءَ جو ڪينسر هڪ عالمي مسئلو آهي، ان مرض جي شرح پاڪستان ۾ ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، جنهن جي ڪري ساليانو 40000 موت ۽ اٽڪل 100000 نوان ڪيسز سامهون اچن ٿا. ماهرن موجب آگاهي ۾ اضافي ۽ باقاعدگي سان اسڪريننگ ک?? فروغ ڏيڻ ??ان موت جي شرح ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ پاڪستاني عورتن جون زندگيون بچائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.