ڪراچي – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته صاف، شفاف چو??ڊون منعقد ڪرائڻ اسان جي گڏيل ذميواري ??هي، نگران حڪومت چو??ڊن جي لاءِ ماحول سازگار بڻائيندي، ميڊيا چو??ڊن دوران اليڪشن جي مختلف مرحلن جو حصو هوندي آهي، چو??ڊن ۾ عوام تائين ص??يح معلومات جي پهچ يقيني بڻائڻ جي لاءِ مستنند رپورٽنگ سڀ کان اهم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ شفاف چو??ڊون ڪرائڻ، چو??ڊ عمل دوران ميڊيا کي سهولتن جي فراهمي سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته آئ??ن موجب پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏينداسين، ڪنهن سان ڪو امتيازي سلوڪ نه رکيو ويندو، سمورين سياسي پارٽين سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا. هن چيو ته ميديا چو??ڊن دوران اليڪشن جي مختلف مرحلن جو حصو هوندي آهي جيڪا اليڪشن ڪميشن جي لاءِ پل جو ڪردار ادا ڪري ٿي. هن چيو ته چو??ڊن ۾ مستنند رپورٽنگ سڀ کان اهم آهي ته جيئن عوام تائين ص??يح معلومات جي پهچ کي يقيني بڻائي سگهجي. ٻنهي اڳواڻن شفاف چو??ڊون منعقد ڪرائڻ ۾ ڀرپور تعاون جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.