نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران و??ير??عظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ??ه حڪومت تيزي سان معاشي بحالي جي لاءِ پرعزم آهي، ا??ان پنهنجي پرڏيهي ??ي ذخيرن ۽ پنهنجي ڪرنسي کي مستحڪم ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 ??ين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران و??ير??عظم چيو ته حڪومت ملڪي آمدني کي وڌائيندي ۽ ملڪي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري آڻيندي، ان سلسلي ۾ هڪ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) قائم ڪئي وئي آهي ??نهن تحت زراعت، کاڻين جي کوٽائي، توانائي ۽ آءِ ٽي سميت 28 شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ??ن ۾ ترقياتي حصيدارن جي تعاون سان منصوبا شروع ڪيا ويندا. نگران و??ير??عظم چيو ته پاڪستان ڊگهي مدي واري جاگرافيائي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي ??هي، ريلوي، بنيادي ڍانچي ۽ مينوفيڪچرنگ جي منصوبن ۾ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جو ٻيو مر??لو شروع ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان وچ ايشيا سان ڪنيڪٽيويٽي منصوبو جلد شروع ڪرڻ جو خواهشمند آهي.