اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته نگران حڪومت مختصر مدي جي لاءِ آئي ??هي، بنيادي ذميواري چونڊن جي لاءِ ڀرپور معاونت فراهم ڪرڻ آهي، حڪومتي نظام ۾ وڏي تبديلي نه ٿا آڻي سگهون، قائدن ۽ ضابطن ۾ سنگين خلاف ورزي جي صورت ۾ مداخلت جو اختيار حاصل آ??ي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نگران وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. نگران وزير??عظ?? چيو ته آئين تحت نگران حڪومت مختصر مدي جي لاءِ آئي ??هي، ان جي بنيادي ذميواري چونڊن جي لاءِ ڀرپور معاونت فراهم ڪرڻ ۽ نگراني ڪرڻ آهي ۽ اها آئيني گهرج آهي، نگران حڪومت وٽ روزاني جي حڪومتي معاملن جي نگراني جو اختيار آهي، اسان حڪومتي نظام ۾ وڏي تبديلي نه ٿا آڻي سگهون، معمول جي پاليسين تي عمل پيرا رهنداسين. نگران وزير??عظ?? چيو ته گذريل حڪومت جي پاليسين کي جاري رکنداسين، قاعدن ۽ ضابطن ۾ سنگين خلاف ورزين جي صورت ۾ مداخلت جو اختيار حاصل آ??ي. قومي اسيمبلي آئيني مدو مڪمل ڪري تحليل ٿي چڪي آهي، چونڊون اڃا ٿيڻيون آهن، پارليامينٽ جو ايوان ڪم ڪري رهيو آهي، جيستائين قومي اسيمبلي جو ايوان نه ٿو اچي ته قانونسازي نٿي ٿي سگهي، سڀني وزيرن کي پنهنجي وزارتن پاران بريفنگ جو عمل ش??وع ٿي چڪو آهي، ايندڙ ڪابينا جي اجلاس جي ايجنڊ?? جو فيصلو بريفنگ جي بنياد تي ڪيو ويندو.