اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيشنل ايرو اسپيس سائنس اينڊ ٽيڪ??ال??جي پارڪ (ا??ن اي ايس ٽي پي) جو افتتاح ڪري ڇڏيو جنهن جو قيام حڪومت، عالمي ڪمپنين ۽ نجي ش??بي جي حصيداري سان ڪيو ويو آهي. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف ان منصوبي جي ش??وعات تي پاڪ فضائيه جي قيادت کي ساراهيو جيڪو خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) بابت سرگرمين جي لا??ِ سٺو اشارو آهي. ا??ن اي ايس ٽي پي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ايئر ڪموڊور ڊاڪٽر لياقت الله پنهنجي بريفنگ ۾ شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته پاڪ فضائيه ايرو اسپيس ٽيڪ??ال??جي جي ميدان ۾ ڪيتريون ئي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. هن چيو ته اداري نئين نسل جي صلاحيت وڌائڻ جي لا??ِ ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ سينٽرز قائم ڪيا آهن. هي قومي ۽ تذويراتي اهميت جو منصوبو آهي ۽ ايڪو سسٽم سان گڏ گهڻ رخا فائدا پڻ فراهم ڪندو. هن چيو ته رڪارڊ وقت ۾ مڪمل ٿيندڙ هي منصوبو ايرو اسپيس ٽيڪ??ال??جي ۾ ملڪ جي پاڻڀرائپ جي لا??ِ سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن چيو ته پاڪ فضائيه پاڻڀرائپ حاصل ڪرڻ جي لا??ِ قائداعظم محمد علي جناح جي ويزن تي عمل پيرا آهي. هن وڌيڪ چيو ته ان منصوبي ۾ ٽي ڪئمپس شامل هئا جن مان پهريون نجي ش??بي جي ڪمپنين تي ٻڌل هو، ٻيو سائبر، مصنوعي ذهانت ۽ آءِ ٽي ڪمپنين تي ٻڌل هو ۽ ٽيون هوائي جهاز، خلائي، سينسر ۽ ايڪسپو سينٽر جي لا??ِ هو. ڊاڪٽر لياقت الله چيو ته ا??ن اي ايس ٽي پي جي سمورن حصن کي خصوصي زون قرار ڏنو ويو آهي ۽ ان سان سبسڊيز، ٽيڪس/ ڪسٽم ڊيوٽي ۾ ڇوٽ سميت ڪيترائي اهم فائدا حاصل ٿيندا، ان کانسواءِ نيٽ ورڪنگ جي بهترين موقعن سان گڏ پليٽ فارم طور تي ڪم ڪندا. هن وڌيڪ چيو ته ايئر چيف اڳ ۾ ئي شهر ۽ يونيورسٽي جي سطح تي سهولتون قائم ڪرڻ جي لا??ِ ٻئي مرحلي جي ش??وعات ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي. نيشنل ايرو اسپيس سائنس اينڊ ٽيڪ??ال??جي پارڪ (ا??ن اي ايس ٽي پي) ايوي ايشن سٽي پاڪستان جو هڪ لا??مي حصو آهي ۽ ايوي ايشن، اسپيس، آءِ ٽي ۽ سائبر جي ش??بن ۾ ڊيزائن، تحقيق، ترقي ۽ جدت کي فروغ ڏيڻ جي لا??ِ ضروري عنصرن جو ايڪو سسٽم فراهم ڪندو. ا??ن اي ايس ٽي پي ملڪ جو پهرين صف جو ادارو آهي جنهن پاڪستان حڪومت صنعت، تعليمي ادارن ۽ حڪومت پاران گڏيل ڪم جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ ان کي ٽيڪ??ال??جي ايڪو سسٽم ۾ تبديل ڪرڻ ۾ پاڪ فضائيه جي قيادت ۾ اسٽريٽجڪ قومي اهميت جي منصوبي طور منظور ڪيو آهي.