اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف پرامن نموني عاشوره جي گذرڻ تي شڪر جو اظهار ڪيو آهي. وزيرا??ظم آفيس ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيرا??ظم محرم الحرام دوران امن امان يقيني بنائڻ تي وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله، سمورن صوبائي گهرو وزير??، وفاقي ۽ صوبائي اختيارين ۽ سيڪيورٽي فورسز کي شاباسي ڏني ۽ چيو ته وڏن وزيرن، صوبائي توڙي ضلعي انتظاميه ۽ پوليس آءِ جيز کي محرم الحرام دوران بهترين انتظام ڪرڻ تي مبارڪون پيش ڪيان ٿو. وزيرا??ظم چيو ته امن امان کي يقيني بڻائيندي عاشوره جي جلوسن جي لاءِ بهترين انتظام ڪيا و??ا، وفاقي ۽ صوبائي کاتن ۽ سيڪيورٽي جي سمورن ادارن بهترين تعاون سان ڪم ڪيو. وزيرا??ظم چيو ته پوليس آفيسرن ۽ جوانن کي شاباسي ڏيان ٿو جن ڏينهن ??ات سيڪيورٽي جا فرض نڀا??ا، الحمدلله سيڪيورٽي جي بهترين انتظامن جي ڪري ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش نه آيو.