اسلام آباد – 28 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي گڏيل عرب ??ما??ات پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب گڏيل عرب ??ما??ات پهچڻ تي پاڪستان جي يو اي اي ۾ سفير، اعليٰ ??ما??اتي عملدارن ۽ پاڪستاني سفارتي اهلڪارن وزيراعظم جو استقبال ڪيو. پنهنجي دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف، گڏيل عرب ??ما??ات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان جي ڀاءُ، شيخ سعيد بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ شاهي محل ويندو. ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن.