اسلام آباد-15 جولاءِ (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 12 آگسٽ کانپوءِ قائم ٿيندڙ نگران حڪومت به آءِ ايم ايف سان معاهدي جو احترام جاري رکندي، اليڪشن کانپوءِ عوام جيڪڏهن چونڊيو ته آءِ ايم ايف جي مدد سان معيشت ۾ تيزي سان بهتري آڻينداسين. و??ير??عظم آفيس طرفان جاري بيان مطابق و??ير??عظم آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽلينا جورجيوا سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر و??ير??عظم سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ ماضي ۾ پيدا ڪيل بد اعتمادي جو به ذڪر ڪيو ۽ چيو ته آءِ ايم ايف کي ماضي ۾ پيدا ڪيل بد اعتمادي سبب خدشا هئا، مون کي يقين آهي ته و??ير??عظم شهباز شريف پنهنج?? واعدن کي پورو ڪندو، ايم ڊي آءِ ايم ايف چيو ته و??ير??عظم پيرس ۾ ٿيل ملاقات ۾ معاهدو پورو ڪرڻ جي دانشمندي جو عزم ڏيکاريو. و??ير??عظم جيڪا ليڊرشپ ڏيکاري اها لائق تحسين ۽ قابل تعريف آهي ۽ ان ئي سبب اسان پاڪستان جي مدد ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ هاڻي مضبوط شراڪتداري ۽ گڏيل اعتماد بحال ٿي چڪو آهي. پاڪستان آءِ ايم ايف جو اهم ميمبر آهي، آءِ ايم ايف پاڪستان جي هر ممڪن حد تائين مدد ڪندو رهندو. هن و??ير??عظم سان ويجهي رابطي ۾ رهڻ جي خواهش جو اظهار به ڪيو. و??ير??عظم چيو ته هو قيمتي لفظن تي ايم ڊي آءِ ايم ايف جو شڪر گذار آهي. و??ير??عظم چيو ته پيرس ۾ ٿيل ملاقات ۾ ايم ڊي آءِ ايم ايف راست گوئي ۽ هاڪاري انداز ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي. و??ير??عظم چيو ته معاشي ٽيم سان ملاقات ۾ هن واضع ڪيو هو ته معاهدي جي ڪا به خلاف ورزي برداشت نه ڪئي ويندي. و??ير??عظم چيو ته 12 آگسٽ تائين اسان جي حڪومت آهي، ان کانپوءِ نگران حڪومت ايندي. نگران حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدي جو احترام جاري رکندي. و??ير??عظم چيو ته اليڪشن کانپوءِ جيڪڏهن عوام اسان کي چونڊيو ته آءِ ايم ايف جي مدد سان معيشت ۾ تيزي سان بهتري آڻينداسين. و??ير??عظم چيو ته پاڪستان دنيا جي بهترين ۽ لذيذ ترين انب پيدا ڪندو آهي. و??ير??عظم چيو ته ايم ڊي آءِ ايم ايف لاءِ احترام جي جذبي طور هو انبن جو تحفو موڪلي رهيو آهي. و??ير??ظم ايم ڊي آءِ ايم ايف جي پيشيواراڻي مهارت، ليڊرشپ ۽ غريب عوام لاءِ جذبي ۽ احساس کي به ساراهيو ۽ چيو ته هن جهڙي طرح پاڪستان جي مدد ڪئي آهي ان جو شڪريو ادا ڪرڻ لاءِ لفظ ناهن. ايم ڊي آءِ ايم ايف سان پيرس ۾ ملاقات کانپوءِ و??ير??عظم شهباز شريف، ناڻ?? واري وفاقي وزير کي آگاهه ڪيو هو. وفاقي وزير اسحاق ڊار پنهنجي معاشي ٽيم سان گڏجي ڏينهن رات ڪوشش ڪئي ۽ ان سلسلي ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. و??ير??عظم پنهنجي معاشي ٽيم کي آءِ ايم ايف جي شرطن تي هر سوال جو جواب ڏيڻ جي هدايت ڪئي هئي. انهن شرطن تي سوالن جي جوابن سان آءِ ايم ايف معاهدو ٿيڻ جي راهه هموار ٿي. و??ير??عظم ٻنهي ڌرين کي معاهدي تي متفق ٿيڻ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو. و??ير??عظم جي انهن ڪوششن ۽ رابطن سبب 3 ارب ڊالر جو اسٽينڊ باءِ معاهدو ٿيو.