اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترقياتي منصوبن جي تعمير ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل قبول نه آهي، ترقياتي منصوبن ۾معيار تي ڪنهن به قسم جو ٺ??هه نه ڪيو ويندو. هن هدايت ڪئي ته ترقياتي منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اسلام آباد ۾ جاري وڏن ترقياتي منصوبن تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر حنيف عبا??ي، ڊي جي ايف ڊبليو او، ڊي جي اين ايل ??ي، سي ڊي اي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين تعميراتي ڪم جي ??اڻ نگراني ڪري معيار کي يقيني بڻائي، ترقياتي منصوبن جي لينڊ اسڪيپنگ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. وزيراعظم چيو ته ترقياتي منصوبن جي لينڊ اسڪيپنگ ڪرڻ وقت عالمي ??عيار کي نظر ۾ رکيو وڃي. اجلاس کي سي ڊي اي جي اسلام آباد ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي بابت تفصيلي طور تي آگ??هه ڪيو ويو.