اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ليسڪو جي رٽائرڊ ملازم جي اپيل منظور ڪري ورتي، 2 لک رپيا بطور شادي گرانٽ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته سرڪاري ادارن جي ??مي??اري آهي ته اهي ماڻهن کي اهڙن فائدن بابت آگاهه ڪن. محمد آصف ليسڪو ۾ ملازم هو، رٽائرمينٽ کانپوءِ ”شادي گرانٽ“ جي لاءِ درخو??ست ڏني، ليسڪو پٽ جي شادي جي 2 سالن کانپوءِ درخو??ست ڏيڻ تي درخو??ست رد ڪئي، شادي گرانٽ?? جي ضابطي موجب سموريون درخواستون شادي جي تاريخ جي 6 مهينن جي اندر پهچڻ گهرجن. شڪايت ڪندڙ وفاقي محتسب سان رجوع ڪيو جنهن ليسڪو جي بدانتظامي ثابت نه ٿيڻ تي شڪايت کي رد ڪري ڇ??يو. بعد ۾ شهري وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل داخل ڪئي. صدر وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف محمد آصف (شڪايت ڪندڙ) جي درخو??ست قبول ڪري ورتي. صدر چيو ته ملازم جي شادي گرانٽ جي حقدار هجڻ تي ڪو اختلاف نه آهي، سواءِ ان جي ته درخو??ست دير سان جمع ٿي، سرڪاري ادارا ماڻهن کي اهڙن فائدن بابت آگاهه ڪن ته جيئن اهي پنهنجي حقن کان محروم نه رهن. صدر شهري جي اپيل منظور ڪري ورتي، ليسڪو کي 30 ڏينهن ۾ ملازم کي 2 لک رپيا ادا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇ??ي. هن چيو ته لاهور اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني (ليسڪو) ملازم کي پٽ جي لاءِ 2 لک رپيا ”شادي گرانٽ“ طور ادا ڪري. هن چيو ته قانون کان اڻڄاڻائي جي ڪري ماڻهو وقت تي فائدو کڻڻ کان محروم رهجي وڃن ٿا، اسان کي ان جو خيال رکڻ گهرجي، افسوس ته ملازم پنهنجي حق کان اڻڄاڻ هو، ٻين کان خبر پئي ته پٽ جي شادي جي لاءِ گرانٽ ملڻ ممڪن آهي، اها سرڪاري ادارن جي ??مي??اري آهي ته اهي ماڻهن کي اهڙن فائدن بابت آگاهه ڪن.