اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) مجموعي ملڪي قرضن جو ڳاڻيٽو مالي سال جي پهرين 9 مهينن جي پڄاڻي تائين 59247 ارب ??وپ??ا رڪارڊ ڪيو ويو، حڪومت 5541 ملين ڊا??ر عالمي ڪمرشل قرض واپس ڪيا جنهن ۾ 4541 ملين ڊا??ر بئنڪن ۽ هڪ ارب ڊا??ر عالمي سڪوڪ بانڊز جي مد ۾ ادا ڪيا ويا. قومي اقتصادي سروي 23 -2022ع موجب ملڪي قرض/اندروني قرض جو ڳاڻيٽو 35076 ارب ??وپ??ا جڏهن ته پرڏيهي قرض 24171 ارب ??وپ??ا 85.2 ارب ڊا??ر جي سطح تي آهي. مالياتي خساري کي پورو ڪرڻ ۽ قرضن جي ادائيگين لاءِ حڪوم?? ڊگهي مدي واري ملڪي قرضن تي ڀاڙي رهي آهي. حڪومت طرفان 527 ارب ??وپ??ن جي ٽريزري بلز جي ادائيگي سان ننڍي مدي واري قرضن جي ڳاڻٽي ۾ خاطر خواهه گهٽتائي آئي آهي. حڪومت قرضن جي مد ۾ اسٽيٽ بئنڪ کي 310 ارب ??وپ??ن جي ادائيگي ڪئي. جولاءِ 2019ع کان هن وقت تائين حڪومت 2 هزار ??وپ??ا قرضن جي مد ۾ اسٽيٽ بئنڪ کي ادا ڪيا. اقتصادي سروي موجب ٻاهرين قرضن جي مد ۾ آءِ ايم ايف جي ستين ۽ اٺين جائزي تحت 1166 ملين ڊا??ر وصول ڪيا. ايشيائي ترقياتي بئنڪ کان 1500 ملين ڊا??ر ۽ ايشين انفرااسٽرڪچر ڊولپمينٽ بئنڪ کان 500 ملين ڊا??ر وصول ٿيا. ان کانسواءِ پرڏيهي ڪمرشل بئنڪن کان 1900 ملين ڊا??رن جو قرض به ري فنانس ٿيو. حڪومت چين طرفان 3 ارب ۽ سعودي عرب طرفان به 3 ارب ڊا??ر رول اوور ڪرايا جيڪي بجيٽ سپورٽ لاءِ استعمال ۾ آندا ويا. سعودي عرب طرفان 900 ملين ڊا??ر تيل جي صورت ۾ ڏنا ويا. حڪومت 5541 ملين ڊا??ر عالمي ڪمرشل قرض واپس ڪيا جنهن ۾4541 ملين ڊا??ر بئنڪن ۽ 1000 ملين ڊا??ر عالمي سڪوڪ بانڊز جي مد ۾ ادا ڪيا آهن.