اسلام آباد-04 جون (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف ۽ ترڪيھ جي صدر رجب طيب اردوان ۽ سندس گهر واري وچ ۾ خوشگوار انداز ۾ ڳالهيون ٿيون جنهن ۾ پاڪستاني انبن جي به تعريف ڪئي وئي. صدر اردوان جي حلف برداري واري تقريب کان پوءِ روانگي جي موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم ??هباز شريف ۽ ترڪ ص??ر ۽ ان جي گهر واري وچ ۾ دلچسپ ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم ??رڪيھ جي صدر کي ٻڌايو ته هو هاڻي واپس روانو ٿي رهيو آهي ۽ پاڪستان جي عوام ترڪيھ جي عوام کان به وڌيڪ توهان جو چونڊجن تي خوش آهي. وزيراعظم ??هباز شريف حلف برداري تقريب ۾ شرڪت جي دعوت تي صدر اردوان جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته اوهان جي دعوت ڏيڻ جي مهربان?? جو توهان پنهنجي خوشين ۾ اسان کي شريڪ ڪيو. وزيراعظم ??در اردوان کي ٻڌايو ته اسان توهان سڀني خاندان وارن کي مبارڪون ڏيون ٿا ۽ نيڪ خواهشن جو به اظهار ڪيون ٿا. هن چيو ته هو صدر اردوان لاءِ انبن جو تحفو کڻي آيو آهي، جنهن مان اڌ پنهنجي ڀاءُ ۽ اڌ پنهنجي ڀيڻ لاءِ آهن. وزيراعظم ??ي ڳالهه تي صدر اردوان ۽ ان جي گهر واري ڏاڍو خوش ٿيا مسڪرائيندي ٿورو مڃيو ۽ مسڪرائيند?? جواب ڏنو ته کين علم آهي ته پاڪستان جا انب تمام گهڻا لذيذ ۽ مٺا ٿيندا آهن، بيگم اردوان به وزيراعظم ??و ٿورو مڃيو. صدر اردوان تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ نيڪ تمنائن جي اظهار تي وزيراعظم ??هباز شريف جو خاص ٿورو مڃيو ۽ چيو ته توهان جي مهربان?? جو دعوت ۾ شريڪ ٿيا.